شاهه عنايت الله جيلاني

شاهه عنايت الله جيلاني: الله جيلاني'>شاهه عنايت الله جيلاني پنهنجي دور جو علم جو صاحب هو. هن بابت عام راءِ آهي ته هو يمن کان سنڌ ۾ آيو ۽ نصرپور شهر ۾ اچي هميشه لاءِ سڪونت اختيار ڪيائين. نصرپور ۾ رهڻ جي ڪجهه عرصي بعد هن هڪ مدرسي ۽ خانقاهه جو بنياد رکيو. هن بزرگ بابت مير علي شير قانع ٺٽوي پنهنجي ڪتاب ‘تحفةالڪرام’ ۾ لکيو آهي ته “شاهه عنايت الله پير دستگير جي اولاد مان نصرپور ۾ آرامي آهي. سندس زيارت جي فيض کان زيارتين جو طرحين طرحين مرادون پوريون ٿين ٿيون. سندس اولاد باقي آهي.” محمد يوسف شاڪر ابڙو پنهنجي قلمي بياض ۾ هن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته، “شاهه عنايت الله کي وفات بعد سندس ئي قائم ڪيل خانقاهه جي احاطي ۾ دفن ڪيو ويو.” هن جي قبر مٿان قبو اڏيل هو، جيڪو هاڻي ڊهي ويو آهي ۽ خانقاهه جو ڪو به نشان باقي نه آهي. هن وقت سندس مزار جي چوڌاري پڪين سرن جي ديوار ڏنل آهي، جيڪا پڻ ڊٺل آهي، چند قبرن کانسواءِ سموريون مٽجي ويون آهن. عام راءِ آهي ته ناليوارو بزرگ قاضي مسعود عثماني قريشي پڻ ساڳئي قبرستان ۾ مدفون آهي. شاهه عنايت الله جي درگاهه ۽ قبرستان جا مجاور، قبرستان ڀرسان رهندڙ شيدي آهن.


لفظ شاهه عنايت الله جيلانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو